نواز شريف جي واپسي سان ليول پليئنگ فيلڊ بحال ٿي پئي: احسن اقبال

لاهور (ويب ڊيسڪ)نواز شريف جي واپسي سان نواز ليگ جي ليول پليئنگ فيلڊ بحال ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي خوش ٿيڻ گهرجي ته سمورين پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملي رهي آهي لاهور ۾ نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس بعد احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران اهڙو اظهار ڪيو آهي نواز ليگ اڳواڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صورت ۾ ليول پليئنگ فيلڊ مليل آهي، فيوَر جي نه، حق ۽ انصاف جي ڳالهه آهي، نواز شريف سان جيڪا ناانصافي ٿي هئي، هاڻي اُن جو ازالو ٿيڻ گهرجي هنن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جنوري جي آخر ۾ چونڊون ٿينديون، سڀاڻي کان قومي ۽ صوبائي تڪن جي اُميدوارن کان پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون وٺي رهيا آهيون

پهنجو تبصرو موڪليو