نواز شريف اڃا تائين دل جي عارضي ۾ مبتلا آهي،رپورٽ

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانوي رائل برامپٽن اسپتال مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رائل برمپٽن اسپتال جي ڪنسلٽنٽ ڪارڊيالوجسٽ پروفيسر ڪارلو ڊي ماريو طرفان نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي ۽ اها رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به جمع ڪرائي وئي آهي. برطانوي طبيب جي رپورٽ موجب نواز شريف ۾ اڃا تائين دل جي بيماري جون علامتون موجود آهن، کيس شوگر ۽ ٻين بيمارين سبب پاڪستان ۽ لنڊن ۾ مسلسل فالو اپ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماضي جي بائي پاس سرجري ۽ اينجيو پلاسٽي سبب نواز شريف جو مسلسل چيڪ اپ ڪيو ويو، اسان نواز شريف جو علاج بهتري لاءِ اينٽي اينجنل ٿراپي سان ڪيو. رپورٽ موجب نواز شريف کي اينجينا جي علامتن ۽ ڪورونا سبب پاڪستان وڃڻ کان روڪيو ويو. برطانوي اسپتال جي رپورٽ موجب بيماري جون علامتون وڌڻ تي نواز شريف جي ٻيهر اينجيوپلاسٽي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪا نومبر 2022ع ۾ ڪئي وئي هئي، ان دوران نواز شريف تي اسٽينٽس به لڳايا ويا هئا. واضح رهي ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپسي جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو