نواز الدين پاران زال ۽ ڀاءُ کي 100 ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪار نواز الدين صديقي پنهنجي اڳوڻي زال ۽ ڀاءُ خلاف 100 ڪروڙ ڀارتي روپين جي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي.نواز الدين صديقي اڳوڻي زال عاليه پانڊي (انجنا پانڊي) ۽ ڀاءُ شمس الدين صديقي خلاف ڪوڙو الزام هڻي هراسان ڪرڻ ۽ بدنام ڪرڻ جي دعويٰ داخل ڪئي. عدالت ۾ پنهنجي وڪيل طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ اداڪار درخواست ڪئي ته سندس اڳوڻي زال ۽ ڀاءُ کي حڪم ڏنو وڃي ته مٿن لڳايل ڪوڙن الزامن تي ٻڌل مواد سوشل ميڊيا تان هٽايو وڃي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم يا ڪنهن به ذريعي پوسٽ ڪيو وڃي. مستقبل ۾ ڪوڙا الزام نه لڳندا درخواست ۾ نواز الدين صديقي پنهنجي ڀاءُ تي مالي فراڊ ۽ ٺڳي جا الزام لڳائيندي اها به استدعا ڪئي ته سندس ڀاءُ ۽ اڳوڻي زال سان فراڊ ذريعي چوري ڪيل 21 ڪروڙ رپيا کيس واپس ڪيا وڃن.درخواست ۾ نواز الدين صديقي پنهنجي ڀاءُ تي مالي فراڊ ۽ ٺڳي جا الزام لڳائيندي اها به استدعا ڪئي ته سندس ڀاءُ ۽ اڳوڻي زال سان فراڊ ذريعي چوري ڪيل 21 ڪروڙ رپيا کيس واپس ڪيا وڃن.هن دعويٰ ڪئي ته سندس ڀاءُ ۽ اڳوڻي زال پاران لڳايل ڪوڙن الزامن سبب کيس 100 ڪروڙ کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو ازالو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو