اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته هاڻ جيڪو نيلسن منڊيلا آيو آهي انهي کي ايندڙ چونڊن ۾ خبر پئجي ويندي سڀني جون اميدون عدليه تي آهن.عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي پرويز الاهي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عام چونڊون ڪرائڻيون ئي پونديون نوازشريف ٻه نمبر نيلسن منڊيلا بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو ساٿ ڪيستائين ڏيندو؟ جنهن تي پرويز الاهي چيو ته ڪا کوٽ رهجي وئي آهي ڇا؟ پنج مهينن کان وڌيڪ ٿي ويا آهن، اوهاڻ پاڻ ڏسندو جڏهن چونڊون ٿينديون سڀني کي خبر پئجي ويندي ته ان سان ڇا ٿيو آهي؟پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته چوندن ۾ سڀني کي هڪ جهڙا موقعا ملڻ گهرجن. جيڪڏهن هڪ جهڙا موقعا نه ڏنا ويا ته خدشا پيدا ٿيندا جنهن کان پوءِ عدالتون آهن جتان کان انصاف ملندو.
