ننگر پارڪر  ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، 1 ڄڻو مارجي ويو، 6 ڄڻا زخمي

ننگر پارڪر ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، 1 ڄڻو مارجي ويو، 6 ڄڻا زخمي

ننگر پارڪر: (ن س) ننگر پارڪر لڳ زميني تڪرار تان ٻنڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڄڻو مارجي ويو.ننگرپارڪر جي ڳوٺ سوڌراڻ ۾ زميني تڪرار تان ڪولهي برداري جي ٻنڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي سبب 30 ورهين جو عالم ڪولهي فوت ٿي ويو ۽ 2 عورتن سميت 6 مرد ويرمون، مهرو، چمن، نانجي، ميگهي ڪولهي ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ فوتي جو لاش تعلقه اسپتال ننگرپارڪر پهچايو ويو.زخمي ويرمون، مهرو ڪولهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي گهرن جي ٻاهريان بيٺل هئاسين ته سامهون واري ڌر اسان مٿانڪهاڙين، سرين ۽ ڪوڏان سان حملو ڪيو.پوليس موجب زمين جي تقرار تان واقعو پيش آيو آهي، 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، سرزمين تي موجود آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو