لنڊن (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي لنڊن ۾ برطانوي جي گهرو وزير پوريٽ ڪوپر سان ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ڪريمنلز ڪيسن ۾ قانوني مدد تي ڳالهيون ڪيون ويون.ملاقات ۾ موثر بارڊر مينجمينٽ ۽ غيرقانوني اميگرنٽس جي سببن جي قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته پاڪستاني پوليس آفيسرن جي برطانيه ۾ ٽريننگ جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.گهرو وزير محسن نقوي برطانوي گهرو وزير جو عهدو سنڀالڻ تي يوويٽ ڪوپر کي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، محسن نقوي چيو ته خوشي ٿيندي ته پاڪستاني پوليس آفيسر باقاعده برطانيه ۾ ٽريننگ حاصل ڪن، ان حوالي سان برطانيه جي تعاون جي آجيان ڪنداسين، غيرقانوني اميگريشن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون وڌائڻ ضروري آهي. گهرو وزير چيو ته ترقي يافته ملڪن کي ان حوالي سان گڏيل قدم کڻڻ گهرجن. برطانيه سان بارڊر مينجمينٽ ڪريمنلز ڪيسن ۾ ليگل مدد ۽ غيرقانوني اميگريشن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا. محسن نقوي چيو ته سوشل ميڊيا جي ذريعي تشدد لاءِ ڀڙڪائيندرن جي لاءِ ڪابه معافي نه هجڻ گهرجي، عوام کي پرتشدد واقعن تي ڀڙڪائڻ وارا مذمت جوڳا آهن.برطانوي گهرو وزير چيو ته برطانيه پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جاري رکنداسين. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي برطانوي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، لنڊن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل ۽ برطانوي گهرو وزارت جون اعليٰ اختياريون به انهي موقعي تي موجود هيون.










