نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ مفتي سليم الله زخمي,جوابدار فرار

نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ مفتي سليم الله زخمي,جوابدار فرار

ڪراچي ( رپورٽ باغي ساگر پنھوار ) منگھو پير واري علائقي ۾ نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ مفتي سليم الله خان زخمي ٿي پيو گھر واري محفوظ جوابدار فرار پوليس ۽ رينجرز واقعي واري ھنڌ پھچي شاھديون ورتيون ڪو به ڪيس ادخل ٿي نه سگھيو واقعو ذاتي دشمني يا ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي ٿو ايس ايس پي ويسٽ سھائي عزيز  اورنگي واري علائقي منگھو پير لڳ 2 نامعلوم موٽرسائيڪل تي سوار ھٿياربندن مفتي سليم الله خان جي ڪار تي فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن مفتي پنهنجي ناظم آباد واري گھر کان مدرسي ڏانهن وڃي رھيو ھو مفتي سان گڏ ان جي گھر واري پڻ موجود ھئي جيڪا محفوظ آهي پر مفتي کي ھڪ ڳولي ھٿ مان ڪراس ڪري پيٽ ۾ لڳي جيڪو زخمي ٿي پيو زخمي مفتي کي فورن ھڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي  ان موقعي تي ضلعي ويسٽ جي ايس ايس پي سھائي عزيز صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مفتي کي زخمي ڪري فرار ٿيندڙ 2 نامعلوم ھٿياربند موٽرسائيڪل  تي پيڇو ڪندي سندس موقعي جو فائدو وٺي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا سي سي ٽي فوٽيج ۾ ھڪ ھٿياربند کي ھيلمٽ ۽ ٻي کي ماسڪ لڳل آهي واقعو ذاتي دشمني يا ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي سگھي ٿو پر جواجدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو وڌيڪ جاچ ھلي پئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو