نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر قتل

ڪوٽڙي(ن س) نامعلوم هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. فائرنگ جو اطلاع ملندي ئي زخمين کي حيدرآباد نيو ويو پر فوت ٿي ويا. ايس ايس پي ڄامشورو محمد نعيم موجب ٻنهي فوتين جي سڃاڻپ گل بيگ برفت ۽ غلام شبير طور ٿي آهي. پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ ڪري پئي. بظاهر قتل جو سبب ذاتي دشمني لڳي رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو