ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جنگشاهي جي ڪارو جبل واري علائقي ۾ بااثر شڪارين کي پرڏيهي پکين جو شڪار ڪرڻ کان روڪڻ ۽ هنن جي وڊيو ريڪارڊ ڪرڻ تان بي دردي سان تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيل ملير واسي نوجوان ناظم جوکيو جي وارثن ۽ شهرين پاران نوجوان جي لاش سوڌو نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي رود بند ڪري ڇڏيو. پوليس پاران ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ مظاهرين سان ڪيل ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن.

پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ساجد جوکيو به ڌرڻي ۾ موجود آهي. ڌرڻي ۾ شريڪ مقتول نوجوان جي وارثن ۽ شهرين پاران قاتلن جي گرفتاريءَ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. ملير پوليس جو چوڻ آهي ته ناظم جوکيو جي وارثن جي فرياد تي پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڄام اويس گهرام، نياز سالار جوکيو، احمد شورو ۽ ٻن گرفتار گارڊز خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته قتل ڪيس ۾ نامزد ايم پي اي ۽ ٻين جي گرفتاريءَ تائين ڌرڻو جاري رهندو. نوجوان ناظم جوکيو جي قتل کانپوءِ سندس ريڪارڊ ڪيل 2 وڊيوز ۽ هڪ آڊيو ڪال سامهون آئي هئي، جنهن ۾ هن ڌمڪيون ملڻ جو ذڪر ڪيو هو ۽ چيو هو ته کيس ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ ٻيا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. موت کان اڳ سندس وڪيل ڏانهن ڪيل آڊيو ڪال به سامهون آئي، جنهن ۾ هو ٻڌائي رهيو هو ته کيس ڄام بجار وارن گهرايو آهي ۽ کيس ڪجهه به ٿئي ته هنن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

هڪ ويڊيو ۾ سندن ڳوٺ لڳ پجارو گاڏي بيهاري روڊ بلاڪ ڪيو ويو هو هن کين گاڏي هٽائڻ لاءِ چيو ته گاڏي مان لهندڙ همراهه ناظم کي ٺونشو هنيو ۽ موبائيل ڦري ورتي هئي. ڌرڻ ۾ سندس امڙ پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چيو ته ناظم جو هڪ معصوم ننڊڙو پٽ آهي، اسانجي گهر برباد ٿي ويو آهي، خدا قاتلن جو ٻيڙو غرق ڪري. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه نوٽيس وٺندي ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر اڃا با اثر ظالم وڏيري ڄام اويس گهرام ۽ سندس ڀاءُ عبدالڪريم مان ڪو به گرفتار ناهي ٿيو، متاثرن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته ٻنهي جا نالا خارج ڪرايو ۽ گارڊز کي نامزد ڪريو.










