نئين مردم شماري پنجاب جي سياسي حقن تي وڏو ڌاڙو آهي: فواد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نئين آدمشماري پنجاب جي سياسي حقن تي وڏو ڌڪ آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ڇا ٿيو جو پنجاب جي آبادي ايتري گهٽ ٿي وئي جو قومي اسيمبلي جون 8 سيٽون گهٽجي ويون؟ جهلم ۽ چکوال جهڙا ضلعا هڪ سيٽ وارا ضلعا بڻجي ويندا.هن چيو ته ملتان، لاهور ۽ گوجرانوالا جون به سيٽون وڃائڻيون پونديون، هاڻي ان آدمشماري کي عدالت ۾ چئلينج ڪندس.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پنجاب جي سياستدانن جو رويو مايوس ڪندڙ آهي.عمل تي ڪو به بحث نه ڪيو ويو ، نتيجن جي شفافيت معلوم ٿئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو