نئون ڪوٽ ۾انسانيت لڄائيندڙ واقعو، عبرتناڪ سزا جو منتظر

نئون ڪوٽ ۾انسانيت لڄائيندڙ واقعو، عبرتناڪ سزا جو منتظر

ليکڪ اي اي عباسي

سهڻي ۽ من موهندڙ سنڌ ڌرتي تي ڪنهن ڪانئر، بدبخت، بزدل، خوف ۾ ورتل ۽ ڊنل وحشي ماڻهن جي بد نظر سبب اسانجي معاشري  ۽ ماحول ۾ جيڪي روز بروز گندين عادتن وارا واقعا تيزي سان رونما ٿيڻ لڳا آهن اها نحوست سنڌ ۾ به ڄڻ ته ڪنهن جي اشاري تي جاري و ساري هجي، نئون ڪوٽ جي اندر ڪجهه ڏينهن اڳ نفيس نگر لڳ پيار جي پرڻي جي پلاند طور راجپوت رانگڙ برادري جي ڳوٺن تي ڪجهه وحشي ماڻهن حملو ڪري الزام هيٺ آيل نوجوان جي گهران هڪ شادي شدهه 18 سالا عورت فضاءَ ۽  13 سالن جي نياڻي ڪنول کي اغوا ڪري انهن کي پنهنجي جاءِ تي تشدد ڪري ڪپڙن کان آجو ڪري اگهاڙو ڪري ڊوڙائڻ بعد اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ 20 وحشي جوابدارن حوس جو نشانو بڻايو ، اهڙي بي حسي ، بيوسي ۽ لاچاري ته جهنگل جي قانون ۾ ئي هوندي آهي ، هن سماج کي ڇا ٿي ويو آهي ؟، انهن 20 وحشي پڻي جي شڪل جا مهرا  ۽ انهن جو گروهه هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي صرف رسمي طور تي 3 ڀولا گرفتار ڪيا ويا آهن باقي ٻيا 17 ۽ انهن جو مکيه گروهه سربراهه با اثر هجڻ ڪري گرفتار ڇو نه ڪيو ويو آهي جنهن جي حڪم سان هي ايڏي وڏي وحشي پڻي جي تاريخ ورجائي وئي آهي، گلن جهڙي معصوم نياڻي جي وحشياڻي تشدد زده زيادتي بڻيل چهري کي ڏسندڙ هر هڪ اک غم ۽ غصي ۾ ٻڏل آهي، سنڌ جي اندر هيءُ وحشياڻي ڪاروائي حساس دلين کي لوڏي ڇڏيو آهي، امن پسند برادري جي غريب ماڻهن هميشه پنهنجي ملڪ، پنهنجي سنڌ صوبي ۽ شهر لاءِ مثبت ۽ وطن عزيز جي ترقي خوشحاليءَ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، هيءَ معصوم نياڻين وارو واقعو پوري سنڌ جي ڪروڙين عوام لاءِ ڏکائيندڙ  آهي،  سنڌ جي گلي گلي، نگر نگر، وستي وستي ۾ اهڙي واقعي بعد ڄڻ ته هر گهر ۾ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ڇانيل هجي، ڇاڪاڻ ته اهڙن واقعن سان بي يقيني ۽ قانون جي کليل لتاڙ سامهون اچڻ لڳي ٿي،هر پاسي کان آبادي واري علائقي طور نمايان آهي اتان ڪيئن هن معصوم نياڻين کي اغوا ڪرڻ بعد اهڙو واقعو رونما ڪيو ويو آهي، شل نه پنهنجي سنڌ ۾ ڪو ڪنهن غريب جو ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي پوءِ انهيءَ جي جاچ لاءِ پوليس جي حد بنديءَ وارو ڪردار ڪير وساري سگهي ٿو،  سنڌ جا ماڻهو پنهنجي غيرت جي نالي تي پنهنجا ٻچا ٻار قربان ڪندا آهن پر اڄ الائي ته ڪهڙي هوا لڳي وئي آهي جو سنڌ جي اندر پنهنجون معصوم نياڻيون ڪنهن وحشي پڻي جو شڪار بڻجي رهيون آهن، پنهنجي سماج مان اهي قدر ۽ اهي روايتون موڪلائي ويون آهن ڇا جو اهڙا بي شرماڻا واقعا زينت بڻجڻ لڳا آهن،  پنهنجي ملڪ ۾ مصنوعي طور تي بڻايل نام نهاد اين جي اوز ڪروڙين رپيا حڪومتن جا کائي سرگس تي نچڻ ته ڄاڻين ٿيا پر حقيقي نياڻين جي تشدد شدهه جسم جي ازالي لاءِ سواءِ هڪ اڌ احتجاج ۽ ميڻ بتيون ٻارڻ جي ڪجهه نٿا ڪن، اهي معصوم سنڌ جي نياڻين ڪنول ۽ فضا کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻجي وڃن. اڪثر اين جي اوز اهي رڳو پنهنجي نمائشي پوز بازي تي پنهنجي سياست ڪندا رهن ٿا پر حقيقي غريب، مسڪين ماڻهن جي دردن، تڪليفن، مشڪلاتن تي ٻاهر ڇو ٿا نڪري پون رڳو مذمتي بيان، تعزيتي ميڙاڪا ۽ روايتي ريليون ڪڍڻ سان مسئلو حل نه ٿي سگهندو بلڪ  هن مدي خارج  ايڪسپائير سسٽم مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي قانون ساز ادارن کي انهن اهڙن واقعات کي هميشه جي لاءِ بنجو ڏيڻ لاءِ نياڻين سان زيادتي ڪندڙ وحشي، درندن، سفاڪ قسم جي ماڻهن کي بنا ڪنهن دير جي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ کلي عام روڊن رستن چوراهن تي ڦاهي جي ڦهندي تي چاڙهيو وڃي، هرهڪ باشعور ساڃاهه وند سوچ رکندڙ ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته زيادتي ڪندڙ، شراب ۾ مست بڻيل ماڻهو ڪير آهن ۽ ڪنهن جا ٿي سگهن ٿا ڪنهن سياستدان، ڪنهن وڏيري، ڪنهن ڀوتار کي معصوم نياڻي جي زيادتي جي واقعن تي قانوني سختي ڪرڻ تي ڪنهن کي اعتراض ڇو ٿيڻ لڳن ٿا، پوري سماج سوسائٽي کي مافيائون جي رحم ڪرم تي ڇو ڇڏيو ويو آهي؟ ، هتي روز روز ماڻهو مرن ٿا جيئن ٿا انهن جي اذيتن اهنجن مشڪلاتن کي حل ڪندڙ ووٽ وٺندڙ ڪهڙي قانون سازي گذريل 74 سالن ۾ ڪئي آهي ؟، هتي زينب ۽ صائمه جا روز قتل ٿيڻ لڳن ٿا پر پنهنجا بيروپيا چهرا وري وري اسان کي 5 سالن بعد ساڳيا ڏٽا، ڪوڙا آسرا، دلاسا ڏيندي 5 سالن جون تعزيتون، شاديءَ جون مبارڪون ڏيڻ لاءِ پهچن ٿا پر پنهنجا ماڻهو وري وري ساڳين غدارن لٽيرن ۽ سنڌ جي وجود سان هٿ چراند ڪندڙ ۽ سنڌ کي زخمي ڪندڙن کي ووٽ ڏيئي حقيقت ۾ پنهنجن ڏيٿ وارنٽن تي پاڻ صحيح ڪري رهيا آهن،سماجي براين جي خاتمي لاءِ قانون ۽ انصاف تي مبني جج صاحبان پنهنجن ججن تي مشتمل ڪاميٽيون جوڙين تڏهن وڃي ڪو باقي سڌارو اچي سگهي ٿو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پنهنجي سموري سوسائٽي ۾ قصور واري واقعي بعد اسانجي سماج ۾ هڪ بي حسيءَ واري صورتحال ڇانيل آهي.ڇاڪاڻ ته انهي معصوم نياڻين ڪنول ۽ فضاءِ جي پيرسن والدين کي جيڪڏهن انصاف ملي ها ته جيڪر هي خونخوار واقعا ائين نه ٿين ها !. جيڪڏهن زينب معصوم گلڙن جهڙي ٻارڙي جي قاتل رهزن وحشي کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي ها ته جيڪر هيءَ گندگي سان ڀريل واقعا ايتري تيزي سان ائين درپيش نه اچن ها، ڪڏهن ڪنهن  انهي ڳالهه تي سوچو آهي ته اهي واقعا ڇاڪاڻ پنهنجي معاشري ۾ تيزي سان ڦهلجي رهيا آهن ۽ انهن جي روڪٿام لاءِ ڪي به عملي ۽ تاريخي طور تي قدم نٿا کنيا وڃن. سڀ کان پهريان هيءَ ڳالهه واضع آهي ته اسانجي پوري سسٽم کي اڪثر اهي ماڻهو هلائي رهيا آهن جيڪي خود مخلص، نيڪ نيت ، سچا ۽ کرا ناهن هوندا جيڪي پنهنجي انائن، پنهنجي ذاتي ۽ معمولي مفادن جي ور چڙهيل انسانيت جي درد ، تڪليف ، اهنج ، مشڪلاتن ۽ پيڙاهن کي محسوس ڪرڻ بجاءِ اهي پڻ انهن وحشي پڻي جي تاريخ ورجائڻ وارن گروهن ۽ ٽولن جي پٺڀرائي ڪندي نه ٿڪبا آهن. جهڙي طرح ڪجهه سال اڳ سينيٽ جي ايوان ۾ سينيٽر رحمان ملڪ معصوم زينب جي قاتل وحشي عمران جي سرعام ڦاسيءَ جي ڳالهه ۽ اهڙي رٿ پيش  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهيءَ پارٽيءَ جي سينيٽر فرحت الله بابر انهي قاتل رهزن ۽ وحشي جي اهڙي ڦاسي واري سزا جي مخالفت ڪئي. اڪثر ملڪ جي عوام جي اها راءِ رهي ته اهڙن وحشين کي فوري طور تي سزا ڦاسيءَ جي ڦندي تي پهچايو وڃي ،ڇاڪاڻ ته جيستائين اهڙن رهزنن قاتلن کي عملي ۽ فوري طور تي سزا نٿي ڏني وڃي تيسيتائين اهڙا وحشي ۽ درندا قاتل رهزن اسانجي معاشري ۾ پنهنجي حوس جو معصوم نياڻيون بڻائيندا رهندا ۽ اسان جا حڪمران انهن معصوم نياڻين جي آهه ۽ دانهن کان بي خبر تماشائي بڻجي رڳو تاڙيون وڄائيندي انهن پيرسن والدين جو مذاق اڏائڻ جي ناپاڪ ۽ نامراد ڪوشش ٻين معصوم نياڻين جي پڪار ۽ دانهن کي نه ورنائيندي حقيقت ۾ سموري سسٽم سان بدديانيتي ۽ نسورو ناحق ڪيو وڃي ٿو. هن ملڪ ۾ جيستائين سپريم ڪورٽ ، نيب ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ڪنهن غريب مسڪين بي پهچ ماڻهن جو داد فرياد نٿو ڪري تيستائين ڪا ڳالهه به نٿي ٻڌي وڃي. اهڙي ماحول ۾ پوءِ باقي ڪنهن جمهوريت ڪهڙي ڪم جي رهي ٿي. جمهوريت جو ته مقصد آهي سڀني کي برابري ۽ سراسريءَ جي بنياد تي حق ڏنا وڃن  ڪو به ملڪ ۾ بک بيروزگاري، افلاس  ، معاشي بدحالي جي شڪار طور خودڪشين جو ڪارڻ نه بڻجي سگهي ۽ جمهوريت ۾ پنهنجي حڪمرانن وڏا عاليشان محل نما بنگلا ٺاهيا ، پنهنجي جمهوريت جو نالو شايد اهو آهي ته نااهل ماڻهن کي نوازڻ ۽ انهن جي پٽن ، ڌيئرن ، سئوٽن ، ماساتن ، ڀائيٽن ، ڀاڻيجن، سالن ۽ نياڻين سميت ڪت خلق  کي ايم پي اي  ، سينيٽر ۽ ايم اين اي ڪرڻ سميت انهن کي ڪسٽم ، پي آءِ اي ، سوئي سدرن گيس  ۽ ٻين اهم ۽ وڏن ملڪي اهم ادارن ۾ وڏيون وڏيون پوسٽون ڏيڻ ئي انهن حڪمرانن لاءِ بهترين جمهوريت آهي. جڏهن انهن اقتدار جي پوڄارين کي ٿورو به  عوامي رد عمل يا ڪا عوامي اٿل پٿل محسوس ٿيندي آهي ته پوءِ اهي ملڪ جي تبديلي پسندن کي پنهنجو ويري ۽ دشمن سمجهڻ لڳندا آهن.ڇاڪاڻ ته عوام سان جن جو محبت ۽ خدمت خلق جو جذبو ئي نه هوندو آهي رڳو رسمي طرح فارملٽي طور خانه پوري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن نه ته پنج سالن جون گڏيل تعزيتون ڪرڻ لاءِ غريب جي مري ويل مائي جي لاءِ ڏک جو اظهار ڪندي چوندا آهن ته ڏاڍو ڀلو ماڻهو هيو جنهن تي ڀرسان ويٺل ڪمدار ۽ واٺا اشاري سان چوندا آهن ته رئيس ڀوتار ميرل جو پٽ يا پيءُ نه پر گهر واري زال گذريل ساڍا چار سال اڳ وفات ڪري وئي . جنهن تي به شرمندو ٿيڻ بجاءِ ڀوتار ڏند ڇڪي وات ڦاڙي اها ڳالهه ڪندو آهي ته ادا ملڻ ڪڏهن ڪڏهن ٿو ٿئي باقي تعزيت ڪري ورتيسن ڪمدار ڪاڏانهين هلڻو آهي اڃان تعزيت لاءِ ٻڌاءِ دير به ٿئي ٿي ۽ اسان جي ميٽنگ گڏجاڻي به رکيل آهي. پوءِ اتي جيئي ڦلاڻو خان جا نعرا لڳي وڃن ٿا هڪ طرف فوت ٿي ويل جي تعزيت لاءِ تڏي تي وڃڻ ٿئي ٿو ٻئي پاسي وري صوف خان ۽ ڏاڙهون خان جا نعرا هڻي ويتر علائقي جي ماڻهن کي پريشان ڪيو وڃي ٿو اهي غريبن سان تعزيت نه پر پنهنجي پارٽيءَ جي اليڪشن مهم ۾ نڪري اها ڊرامي جي ريهرسل ڪندي نظر اچن ٿا. باقي انهن کي جيڪڏهن عوام جي حقيقي مسئلن جي ايترو الڪو پريشاني هجي ها ته پوءِ اهي 5 سال پنهنجن ايوانن ۾ ٽهڪڙن ۽ ٻٽاڪن بجاءِ قاتلن ، رهزنن ، سفاڪ قسم جي ماڻهن معصوم ننڍڙي زينب جي قاتلن ۽ پوري سوسائٽي کي هراسان ڪندڙ ڏوهاري عمران ۽ اهڙن ٻين قاتلن کي جيل ۾ رکڻ بجاءِ انهن جي سرعام ڦاسيءَ تي اعتراض نه ڪيو وڃي ها. سمجهڻ وارا ته سمجهي ويا آهن ته انهن جي پٺڀرائي ڪير ڪندڙ آهن ؟.  جڏهن وحشي قاتل عمران وڏي واڪي اعلانيه چوي ٿو ته مان انهي ننڍڙي زينب ۽ ٻين اهڙين معصوم  ٻارڙين سان ظلم زيادتي ڪرڻ بعد انهن کي ماريو آهي ۽ مون کي جيڪا سزا ملڻ گهرجي اها ڏني وڃي ۽ مونکي ڪنهن به وڪيل يا معافي وٺڻ جي گهرج ناهي مونکي پنهنجي ڪيئي جي ضرور سزا ڏني وڃي. اهڙي وحشي پڻي جي سفارش ۽ انهي جي ڪير باقي حمايت ڪري ٿو جو هو وحشي پنهنجي منطقي انجام کان بچندو رهي ٿو. اهڙي وحشي درندي کي سزا نه ملڻ جي ڪري گاجي کهاوڙ جي نوجوان صحافي شعيب کهاوڙ  جي رشتيدار مائٽ 6 سالا معصوم نينگر سان هڪ ڪن عادتن وارو لوفر ڇورو زبردستي زيادتي ڪري جهڙي طرح انهي معصوم ٻالڪ سان پيش آيو تنهن واقعي تي پوري علائقي تر جي ماڻهن کي نهايت افسوس ۽ ڏک ٿيڻ لڳو ۽ اهڙي طرح ئي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ محبت خان ڀرڳڙي ۾ هڪ 12 سالا نينگريءَ سان وحشين زيادتي ڪرڻ بعد باهه ڏيئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ نينگري روزينه ملاح جو 30 سيڪڙو جسم سڙي ويو، اهڙي طرح روزانو ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ وحشي پڻي جو مظاهرو ڪندڙ وحشي پنهنجي گندي سوچ کي جنم ڏيندي معصوم ٻارڙن کي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد موت جي منهن ۾ آڻيون وڃي ٿو. دراصل ڳالهه اها آهي ته انهن ناسور جهڙن مرضن مان جند ڪيئن ڇڏائجي ؟. اهي وحشي ، درندا، قاتل رهزن ڪنهن ٻئي ملڪ جي مخلوق ناهن اهي انهي اسان توهان واري سوسائٽيءَ جا فرد ماڻهو آهن انهن جي اهڙي ڪريل سوچ ڪيئن بڻجي وئي آهي. اهي وحشي، درندا ۽ قاتل ڇاڪاڻ ۽ ڪيئن ٿا بڻجي وڃن ؟.  انهي ۾ اسان جي ڊش ڪلچر، ڪيبل ڪلچر ۽ فحاشي عريانيت واري ڪلچر به معاشري ۾ تمام گهڻو بگاڙ پيدا ڪيو آهي جنهن ۾ خاص ڪري ننڍڙن ننڍڙن ذهنن کي اهڙي قسم جون آزاديون ڏيڻ پنهنجي نئين نسل کي هٿ سان تباهه ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي. ڀلي ڪيڏو به زهر ريشمي رومال ۾ بند ڪري ڏنو وڃي اهو پنهنجي زهر جو اثر ضرور ڇڏيندو رهي ٿو. هڪ نمايان خبر پڙهي ڪجهه عوام ڀلو محسوس ڪيو جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته سينيٽ  جي اجلاس ۾ اها رٿ پيش ڪئي وئي ته “ فحش ڪتاب ۽ مواد وڪڻڻ واري تي 2 لک رپيا ڏنڊ ۽ 3 سال قيد هوندو، بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جنهن جو متن اهي ته “ عوام ۾ فحش حرڪت ڪرڻ يا وري گانا ڳائڻ تي هڪ سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ هوندو. جڏهن ته “ ڪنهن به مرد جي فحش مواد جي وڪري تي 10 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا هوندي. گڏوگڏ جنسي هراسان ڪندڙ ۽ زيادتي ڪندڙن لاءِ پڻ سزائون ڄاڻايون ويون اهن. اهڙن فيصلن سان ضرور معاشري جي ناسور ورتل ذهنن جي ڇنڊڇاڻ ، انهن ۾ خوف ، ڊپ ۽ اهڙي طرح اهڙن واقعن ۾ ڪمي ۽ گهٽتائي ٿيڻ لڳندي.انهي لاءِ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ هلندڙ ڪيبل يا ڊش تي عرياني فحاشي قسم جون فلمون هلائيندڙن مٿان پوليس حقيقي معنيٰ ۾ عملي قدم کڻي پنهنجي ايندڙ نسلن کي گندي ذهنيت کان بچايو وڃي ۽ ڪو ائين نه چوي ته منهنجو ڇا وڃي منهنجو ڪهڙو ڪم آهي جڏهن علائقي کي باهه لڳندي آهي ته پوري علائقي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندي آهي.انهي لاءِ اسان سڀني کي انهيءَ لڳندڙ باهه کان بچائڻو پوندو ۽ سماج ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪريون ته جيڪر هيءُ معاشرو گلن جي خوشبوءِ ۾ ٽمٽار ٿيڻ لڳي ۽ ڪو به وحشي، قاتل، رهزن هن مٽيءَ ۾ ڪنهن بي گناهه معصوم نياڻيءَ کي زيادتي ۽ حوس جو نشانو نه بڻائي سگهي. نئين ڪوٽ جي فضاءَ ۽ ڪنول واري واقعي ۾ پوليس پنهنجي روايتي سستي بجاءِ پنهنجون ايماندارانه ڪاوشون ۽ ڪوششون وٺي سماج مٿان بدنما داغ وحشي پڻي جي ڪردار کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڦاهي تي چاڙهيو وڃي ۽ معصوم نياڻين جي ريپ زيادتيءَ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي وائکو ڪيو وڃي،  هن واقعي جي باري ۾ پوري ملڪ جي ادارن ۽ فورسز کان سوال ٿو ڪجي ته امن سلامتي جي دعويٰ ڪندڙ حڪمران بادشاهه سڏائيندڙ ڪٿي آهن ۽ ڪيڏانهن ويا آهن ؟. جڏهن اسان کي امن ئي نه ملي ته پوءِ باقي ٻين ڳالهين جي واويلا ڪرڻ اجايو ۽ بي معنيٰ حيثيت رکي ٿي.درندگيءَ جي راڪاس ۽ وحشي پڻي جي رسم کي هميشه جي لاءِ مات ڏيڻ لاءِ قانون ۽ انصاف گهرجي جهڙي طرح قصور جي زينب کي انصاف مليو تهڙي طرح نئين ڪوٽ  جي فضاءَ ۽ ڪنول جي خاندانن کي پڻ انصاف ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو