ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جا امتحان مئي ۾ ٿيندا،مرڪزن ويجهو قلم 144 لاڳو هوندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر ميڊيئيٽ جا بورڊ جا امتحان مئي ۾ وٺڻ، امتحاني مرڪزن جي چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪرڻ ۽ امتحاني سينٽرن تي آڻڻ جي صورت ۾ موبائل فون ضبط ڪرڻ جو فيصلو. سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي گڏيل صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهم فيصلا، سنڌ ۾ بورڊ جي امتحانن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز نور احمد سمون، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن صدف انيس شيخ، بورڊز جي چيئرمينن، سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايندڙ مهيني کان سنڌ ۾شروع ٿيندڙ ميٽرڪ ۽ انٽر ميڊيئيٽ بورڊ جي امتحانن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي بورڊ جي سربراهن پاران ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته ميٽرڪ جا امتحان مئي جي پهرين هفتي ۽ انٽر جا امتحان مئي جي آخر ۾ وٺڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ ميٽرڪ جا 250 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ 3 لک 50 هزار 198 اميدوار امتحان ڏيندا، ڪراچي ۾ سرڪاري اسڪولن مان 73 هزار 724 ۽ پرائيويٽ اسڪولن جا 2 لک 76 هزار 474 اميدوار ميٽرڪ جو امتحان ڏيندا، ڪراچي ۾ 2 لک 90 هزار 220 اميدوار انٽرميڊيٽ جو امتحان ڏيندا. اجلاس ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزنن جي سربراهن به بريفنگ ڏني. ان موقعي تي يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته سنڌ حڪومت امتحاني نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر لحاظ کان سنجيده آهي. هن چيو ته امتحاني مرڪزن جي سڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان گھرو کاتي کان مدد ورتي ويندي. محمد علي ملڪاڻي چيو ته امتحاني مرڪزن جي چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان سفارش ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ ويجيلنس ٽيمون هر صورت امتحانن جي نگراني ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن. سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊز واري وزير محمد علي ملڪاڻي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وقت کان اڳ پيپر آئوٽ ٿيڻ جي ڪا به شڪايت ملي ته لاڳاپيل بورڊ جي چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالھ جو فيصلو ڪيو ويو ته امتحاني مرڪز ۾ موبائل فون کڻي اچڻ تي سخت پابندي هوندي، جڏهن ته ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته موبائل فون برآمد ٿيڻ جي صورت ۾ فون ضبط ڪيا ويندا. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته ڪاپي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪاپي کي روڪڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين ذميواري والدين پوءِ استادن ۽ ان کان پوءِ انتظاميه ۽سماج تي لاڳو ٿئي ٿي. سيد سردار علي شاهه چيو ته تعليم کاتو بورڊ سان هر ممڪن تعاون ڪندو. سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير چيو ته بورڊ جي نتيجن جي حوالي سان ٿرڊ پارٽي اسسمينٽ به ڪرائي ويندي، ٿرڊ پارٽي اسسمينٽ سان بورڊ اندر مارڪن جي حوالي سان مليل شڪايتن کي به جانچڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ بورڊ جي رڪارڊ کي پيپر ليس ڪرڻ، رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن، امتحاني ڪاپين جي اسيسمينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ ٻين انتظامن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو