مختلف شهرن ۾ ميونسپل ملازمن جو ڪٽوتين خلاف احتجاج

مورو/ گهوٽڪي(نمائندا) سنڌ حڪومت پاران واعدي جي باوجود ميونسپل ملازمن کي عيد تي مڪمل ادائگيون ڪرڻ جي باوجود پگهارن جا پورا پئسا به جاري نه ڪيا ويا آهن. ملازمن موجب سنڌ حڪومت 30 سيڪڙو فنڊز ۾ ڪٽوتي ڪئي آهي، رڳو لسٽ موڪلي آهي پر رقم سنڌ بئنڪ کي فراهم ناهي ڪئي وئي جنهن سبب اسانجي عيد خراب ٿي وئي آهي. مورو مان اياز سولنگي موجب ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پاران ٽائم تي پگهارون نه ملڻ تي احتجاج ڪيو، ملازمن ڪم ڇڏيو ھڙتال جو چتاءُ ڏنو آهي. ملازمن  پرويز سرهيو، فهيم پنهور، ساجد ابڙو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته حڪومت سنڌ 30 سيڪڙو بجٽ ڪٽوتي ڪري رقم فراهم ڪئي آهي جنهن سبب اسانکي پئسا گهٽ ملن ٿا جيڪا نا ناصافي آهي. اسان رات ڏينهن پنهنجي ڊيوٽي صحيح طريقي سان نڀائي رهيا آھيون اسان کي هن مهل تائين پگهار ناهي ڏني وئي، مظاهرين وڌيڪ چيو ته اسان يونين طرفان بلديات کاتي کان گهر ٿا ڪريون ته پوريون پگهارون ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ ڪم ڇڏيو هڙتال ڪندا سين.

گهوٽڪي مان حميد ڪلادي موجب ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن بہ سنڌ حڪومت جي ملازم دشمن رويي خلاف لالا صديق پٺاڻ، ڊاڪٽر رائو سڪندرعلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. اڳواڻن چيو ته سنڌ گورنمينٽ پاران بلدياتي ملازمن سان دوکو ڪيو ويو آهي صرف لسٽ جاري ڪئي وئي آهي پر سنڌ بئنڪ ۾ پئسا جاري نه ڪيا ويا آهن، جنهن سبب ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿي سگهيون آهن. سڪرنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ ميونسپل ملازمن احتجاج ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو