ميديڪل ۽ ميڊيسن شعبي جي سربراهه جي ڳولا جو اشتهار ڏيڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس ميڊيسن ڊپارٽمينٽ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس ميڊيسن ڊپارٽمينٽ جي سربراهه لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويندو، هڪ اسسٽنٽ پروفيسر کي ڊپارٽمينٽ جون ذميواريون ڏنيون وينديون ۽ سربراهن جي چونڊ لاءِ ميڊيڪل سربراهن جي ڪميٽي جوڙي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيمن لاءِ تجربيڪار ميڊيڪل پينل جوڙيو ويندو، جڏهن ته طبي شعبي کي جديد بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته چيئرمين محسن نقوي ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس ميڊيسن ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگيءَ کان خوش ناهي، ڊاڪٽر سهيل سليم جي استعيفيٰ کانپوءِ ميڊيڪل ڊپارٽمينٽ جي سربراهه جو عهدو خالي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو