ميانوالي (ويب ڊيسڪ)ميانوالي جي علائقي ڪندل ۾ پيٽرولنگ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.آءِ جي پنجاب موجب 10 کان 12 دهشتگردن ڪنڊل پيٽرولنگ پوسٽ تي حملو ڪيو، چيڪ پوسٽ جي ڇت تي موجود اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.آءِ جي پوليس موجب چيڪ پوسٽ تي ٻن طرفن کان حملو ڪيو ويو.پنجاب پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي ڪنڊل پيٽرولنگ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻيا فرار ٿي ويا.آءِ جي پنجاب موجب دهشتگردن خلاف پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هارون خان به دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو.هن چيو ته سي ٽي ڊي جون ٽيمون ايس ايم ڊي لائيٽن سان پهچي چڪيون آهن، دهشتگردن جو تعاقب ڪيو پيو وڃي، اونداهيءَ ۽ جبل جي ميدان سبب آپريشن انتهائي احتياط سان ڪيو پيو وڃي.
