ميئر جو مختلف علائقن جو دورو،106 روڊن تي ڪم شروع

ميئر جو مختلف علائقن جو دورو،106 روڊن تي ڪم شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي شهر جي 106 روڊن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي ملير ڪالا بورڊ تائين روڊ به ٺاهيو، اسان کوکرا پار تائين روڊ ٺاهيو.هن چيو ته ڪي ايم سي ماڊل ڪالوني تائين روڊ به ٺاهي رهي آهي. پريڊي اسٽريٽ جو ڪم اڄ مڪمل ٿيندو، شارع فيصل جي ڪجهه حصن تي به ڪم ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته مضافات جي اندروني روڊن تي به ترقياتي ڪم جاري آهن. شهر جي سڀني روڊن جي بحالي جو ڪم ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي ماڻهن جو احتساب ڪيو وڃي، شفافيت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جو پيغام آهي ته ڪم اسلام آباد کان نه ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف کي هڪ رات لاءِ نه پر ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ ڪراچي اچڻ گهرجي، وزيراعظم کي ڪراچي لاءِ سخاوت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو