موٽر سائيڪل جا ڦورو سڳ سوڌا گرفتار

موٽر سائيڪل جا ڦورو سڳ سوڌا گرفتار

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) شيخ ڀرڪيو  پوليس جي ڪامياب  ڪاروائي موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ گروه جا ٻه جوابدار گرفتار ، پوليس ڦر ٿيل ٻن  موٽرسائيڪلن  سميت غيرقانوني هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڳجهي اطلاع ملڻ تي   ڊگهه موري ڀرسان ڪاروائي ڪندي ٻن  جوابدار شهاب نظاماڻي ۽ معشوق لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو  گرفتار  جوابدارن  کان   2  موٽرسائيڪلون , 2  ٽي ٽي پسٽل پنج گوليون هڪ موبائل فون  هڪ ليپ ٽاپ پڻ ھٿ ڪيو ويو,جوابدارن مٿان شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي ڦر۽ غيرقانوني هٿياررکڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن  ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو اعجاز پنهيار موجب گرفتار جوابدار موٽر سائيڪلون ڦر ڪندڙ گروه جا  اڳواڻ آهن جيڪي علائقن مان  ڏوه ڪندا رهن ٿا هن چيو ته  جوابدار جو خفيه اطلاع مليو ته کين ڪاروائي ڪندي گرفتار ڪري ورتوسين  جن خلاف وڌيڪ جانچ جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو