مومن آباد مان اغوا ٿيل 12 ورهين جو نينگر قتل، لاش هٿ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اورنگي ٽائون مومن آباد مان اغوا ٿيل 12ورهين جو نينگر قتل ٿي ويو، لاش هٿ، ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ايس پي اي وي سي سي جو چوڻ آهي ته نينگر عبيد کي مومن آباد مان 8 مئي تي اغوا ڪيو ويو هو.جوابدارن مغوي نينگر جي وارثن کان 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو.ايس پي اي وي سي سي جو وڌيڪ چوڻ آهي تهڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جوابدارن جي نشاندهي تي نينگر جو لاش هٿ ڪيو.ايس پي اي وي سي سي جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن جي سڃاڻپ فرقان ۽ فرحان جي نالن سان ٿي آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.واقعي جو ڪيس مومن آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، هڪ جوابدار مقتول ٻارڙي جو ڀيڻيوو آهي، معصوم نينگر جي بيدردي سان قتل تي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو