مولوي فوج سان وڙهائڻ لاءِ ميدان ۾ آندا آهن، عطاءُ الرحمان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي پارتي جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جي يو آءِ جي ڪراچي ۾ احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان کي مخاطب ٿيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي اوهان سنڌ جي اڳواڻي ڪريو. 8 فيبروري جي چونڊن ۾مبينه ڌانڌلي خلاف منعقد جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ وٽ سڀ ڪجهه آهي، گيس، پيٽرول، ڪوئلو ۽ ٽيڪس به سنڌ سڀني کان وڌيڪ ٿو ڏي پر هتي 45 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، 11 هزار اسڪول بند آهن، ڌاڙيلن جو راڄ آهي، وسيلن تي قبضو آهي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ کي لٽي ڦري تباهه ڪيو آهي. هن وتائي فقير جو قصو ٻڌايو ته وتائي چيو ته امڙ سڄي ڳوٺ مان ٿانو گڏ ڪري سوجي وٺي اچي ۽ جڏهن اها تيار ٿئي ته الله سڀني کي ماري ڇڏي ۽ کاءُ وتايا کاءُ هجي. جنهن تي اسٽيج سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو ته مولانا هميشه سنڌ جي ڳالهه ڪئي آهي، هن اڳ ۾ به چيو هو ته سنڌ سنڌين جي آهي سنڌ جي تقسيم ڪنهن قيمت تي قبول ناهي. مولانا سان ڪالهه به سنڌ گڏ هئي اڄ به گڏ آهي. هن وتائي واري قصي تي چيو ته راولپنڊي ۾ ويٺل وتايو کي عوام جو مال آساني سان کائڻ نه ڏينداسين. هن نعرو هڻايو ته سنڌ کپائيندي پادر کائيندي. ان کان اڳ مولانا عطاءُ الرحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان مولوين کي فوج سان ويڙهائڻ لاءِ ميدان سجايو آهي. زين شاهه چيو ته سائين جي ايم سيد 30 سال جيل ۾ يا نظر بند رهيو، اسين جيلن کان نٿا ڊڄون، چونڊ نتيجا تبديل ڪري من پسند ماڻهن کي کٽايو ويو آهي، سنڌ کي حڪمرانن لٽي تباهه ڪيو آهي. هن جيئي سنڌ جي نعري سان تقرير ختم ڪئي. مولانا غفور حيدري اقبال جو شعر پڙهيو ته جنهن کيت مان هارين کي ماني نه ملي ان کيت کي ساڙيو. اسانکي هن طرز حڪومت کي ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته جيئڻ لاءِ مرڻوپوندو آهي. هن پليجي کي چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ اوهانکي پاڻ وڙهڻو پوندو، استيبلشمينٽ خلاف ميدان ۾ اچڻو پوندو، ٻيو ڪو به اوهان جي حقن لاءِ ٻيو ڪو نه وڙهندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ عورتون ميدان م آيون ۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته اڄوڪي عوامي اسمبلي پئسا وٺي ماڻهن کي چونڊ کٽرائين ٿا انهن لاءِ موت جو پيغام آهي. اسين انهن قوتن کي سمنڊ ۾ غرق ڪنداسين. هي پاڪستان انهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، اسانکي خون ڏيڻو پوندو. جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي خطاب ڪندي چيو ته اڄ هن عوامي ميڙ فيصلو ڏنو آهي ته 8 فيبروري واري ڪوڙي چونڊ جو نتيجو قبول ناهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ماتحت آفيسرن کي اليڪشن ڊيوٽي تي لڳايو ويو، چونڊ عملو زرداري جو نامزد ڪيل هو ۽ هي بوگس چونڊ هئي.مان جي ايڇ ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ ويٺلن کي ٻڌايان ٿو ته هي ملڪ آزاد چونڊن کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ادارا تباهه ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو