مولانا ڪنهن جي اشاري تي آهي، مير ذوالفقار چانڊيو

چوندا آهن ته سياست ممڪنات جو نالو آهي ۽ سياست ۾ ڪجهه به حتمي ناهي هوندو. سياست ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته عوام ۽ تجزيي نگار ھڪڙو سوچيندا آهن پر ٿيندو ان جي ابتڙ آهي ۽ سياست ۾ ڪا به شيء ناممڪن ناهي ڪڏهن وري سڄڻ دشمن ٿيو وڃن ته ڪڏهن وري دشمن مان دوست ٿيو وڃن. تعليم يافته يا سياست سان دلچسپي رکڻ وارن کي اھا ڳالھ ضرور معلوم ھوندي ته پاڪستان جي سياست سگھارين ڌرين وٽ يرغمال بڻيل آهي ۽ ھميشه کان وٺي اسان جا سياستدان پنهنجي سوچ ۽ سمجهه تي نه پر ٻين جي اشاري تي سياست ڪن ٿا. ھڪ پارٽي کان ٻئي پارٽي ۾ وڃڻ سياستدانن جو ڪمال نه پر اصل قوتن جو اشارو آهي، اھي جنهن کي چاھين اڳتي آڻين ۽ جنهن کي چاھين پوئتي ڌڪين. پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي حڪومت يا صدر مشرف جي حڪومتي دور ۾ نيشنل پيپلز پارٽي جي چيئرمين غلام مصطفىٰ جتوئي حڪومت کان يا سگھارين ڌرين کان اھو مطالبو ڪيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي ڪرسي منهنجي گھر ۾ ڏني وڃي ڇو ته منھنجا 2 فرزند صوبائي اسمبلي  جا ۽ ھڪ قومي اسمبلي جو ميمبر آهي ،جواب مليو ته پنهنجي فرزندن کان پڇي ڏس ته اھي توسان گڏ آهن يا اسان سان گڏ آهن ۽ بعد ۾ اھا  وزيراعلي سنڌ جي ڪرسي اڪيلي سيٽ رکندڙ ارباب غلام رحيم کي نصيب ٿي. جيڪو سنڌ ۾ پ پ پ جو سخت مخالف ۽ خطري جي گھنٽي ھو جيڪو ھر وقت پ پ پ ۽ ان جي ليڊرشپ خلاف زھر اوڳاڇيندو ھو ان مان معلوم ٿيو ته اسٽبلشمينٽ ھڪ سيٽ واري کي وزيراعليٰ سنڌ جي ڪرسي ڏئي ڇڏي ۽ ٻئي پاسي 3 سيٽون رکڻ واري پراڻي سياسي خاندان کان منھن موڙي ڇڏيو. ھاڻي اصل موضوع جي طرف اچون ٿا ته مولانا فضل الرحمان  به روايتي سياست وانگر اقتدار ڌڻين جي اشاري تي ھلي رھيو آهي مولانا  جي آزادي مارچ کي اسلام آباد ياترا کي 2 ھفتا  مڪمل ٿي چڪا آهن. مولانا جا بنيادي مطالبا آهن ته 2018 اليڪشن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ٿي آهي ۽ ھي وزيراعظم اليڪٽڊ نه پر سليڪٽڊ آهي جيڪو استعيفيٰ ڏي ٻيھر اليڪشن ڪرائي وڃي اھڙا  مطالبا يقينن سياست سان دلچسپي رکڻ وارن ۽ ھر باشعور ماڻهن لاء ڄڻ ته ڪو مزاحيا ڊرامو لڳي رھيا آهن. ڪجھ ٽائيم جي لاءِ مولانا جي ان ڳالھ کي تسليم ڪجي ٿو ته اليڪشن  ۾ ڌانڌلي  ٿي آهي، ٺيڪ  آهي ڌانڌلي ٿي آهي 25 جولائي تي اليڪشن ٿي آهي ۽ 18 آگسٽ تي سڄي وفاقي حڪومت ٺھي آهي پورو سال گذرڻ کان پوء اھا  ڳالھ ڪري اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ۽ حڪومت خلاف مارچ ڪرڻ سمجھ کان ٻاهر آهي. اگر  اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ته ان وقت توهان جي پارٽي يا توهان جون اتحادي پارٽي پنهنجي چونڊيل صوبائي ۽ قومي ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪين ها. وڏي ڳالهه ته اھا آهي جو اليڪشن ۾ پ پ پ، نواز ليگ ۽ جمعيت علماء اسلام جا ميمبرن ھڪ ٻئي کي شڪست ڏني آهي ڇا پوء توهان ھڪ ٻئي سان ڌانڌلي ڪئي آهي اگر مولانا سان گڏ پ پ پ به اھو  مطالبو ڪري ٿي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ته پوء پ پ پ جي سنڌ حڪومت ڌانڌلي ڪري وجود ۾ آيل آهي جيڪڏهن ڌانڌلي ڪري وزيراعظم سليڪٽڊ ٿيو آهي ته پوء وزيراعليٰ سنڌ به سليڪٽڊ آهي وڏي تاريخي ڳالهه ته جيڪڏهن اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي ھئي ته خود مولانا فضل الرحمان صدارتي اليڪشن ۾ صدر عارف علوي جي سامهون اميدوار ڇو بيٺل ھو اگر واقعي حڪومت جعلي ۽ وزيراعظم سليڪٽڊ آهن ته اپوزيشن کي گھرجي ھا ته پھرين  ڏينهن کان وٺي حڪومت کي تسليم نه ڪن ھا ۽ ھر حڪومت جي پاليسي جو بائيڪاٽ ڪن ھا باقي ھاڻي مولانا جو فرزند ۽ پارٽي ميمبر اسمبلي ۾ حلف به کڻن ۽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ته اھا ٻٽي پاليسي رکڻ خود مولانا  کي اڳتي ھلي نقصان ڏيندي. رھي ڳالھه ته وزيراعظم جي استعيفيٰ اھا انهن ڌرڻن ۽ مارچ سان نه ڪڏهن آئي آهي ۽ نه وري ڪڏهن اڳتي استعفيٰ ايندي ڇو ته جيستائين اشاري واري سگھاري ڌر عمران خان سان  راضي آهي ته ان کي نه لھر نه لوڏو آهي ياد رھي ته ڌرڻن ۽ مارچ سان حڪومت گهر نه ويندي پر ڪمزور ضرور ٿيندي آهي. خود عمران خان به 126 ڏينهن ڌرڻي ۾ ويٺو ھو پر ٿيو ته ڪجھ به نه مولانا يا ان جي پارٽي ڀلي سڄو سال ڌرڻو  ڏي عالمي رڪارڊ جوڙي پر عمران خان جي استعفيٰ اچڻ ڏاڍي مشڪل پر ناممڪن آهي.


پهنجو تبصرو موڪليو