مولانا مسلم ليگ ن جو اسلامي ترجمان آهي: شعيب شاهين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان شعيب شاهين مولانا فضل الرحمان جي سياري ۾ چونڊون ڪرائڻ واري بيان تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي ترجمان ۽ ڪور ڪميٽي جي ميمبر شعيب شاهين چيو ته مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ ن جو اسلامي ترجمان آهي.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان وضاحت ڪري ته مسلم ليگ ن ڇا چاهي ٿي.شعيب شاهين چيو ته مولانا فضل الرحمان رڳو سياري ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ذڪر ناهي ڪيو، کانئس پڇيو وڃي ته هن چونڊون نه ڪرائڻ جو بيان به ڏنو آهي.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان معيشت بچائڻ لاءِ اليڪشن نه کٽڻ جو به چيو.شعيب شاهين چيو ته جيڪڏهن چونڊون نه ٿيون ته پوءِ سينيٽ ۽ پارليامينٽ کي ختم ڪري ڇڏيو، اهو رويو ڪنهن سياستدان جو ناهي، هو پنهنجا ڪرتوت ڏسي رهيا آهن.هن اهو به چيو ته صدر کي چونڊن جي واضح تاريخ ڏيڻ گهرجي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو