مولانا فضل الرحمان 6 ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو

مولانا فضل الرحمان 6 ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جا مرڪزي سربراهه مولانا فضل الرحمان 6 ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو، جي يو آءِ ترجمان موجب، مولانا فضل الرحمان اڄ منگهو پير روڊ تي منعقد ٿيندڙ وحدت امت ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. ڪراچي جي دوري دوران هو پير صاحب پگارا ۽ ڪامران ٽيسوري سميت مختلف شخصيتن سان ملاقات ڪندو.ان کان علاوه، مولانا فضل الرحمان ميٽ دي پريس ۾ شرڪت ڪندو ۽ پارٽي عهديدارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان به ملاقات ڪندو.ترجمان وڌيڪ چيو ته قائد سنڌ علامه راشد محمود سومرو، علامه ناصر محمود سومرو، محمد اسلم غوري، قاري محمد عثمان، مولانا محمد غياث ۽ ٻين پارٽي عهديدارن ايئرپورٽ تي مولانا فضل الرحمان جو استقبال ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو