اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ڇا چيو آهي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي علي محمد خان چيو ته مولانا فضل الرحمان جيڪا ڳالهه ڪئي ان جا ٻه نقطا آهن. هن وقت تائين اهي ڇو خاموش هئا ۽ ٻيو نقطو اهو آهي ته ان وقت مولانا فضل الرحمان ان ڳالهه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي؟علي محمد خان چيو ته هن سخت ڳالهه ڪئي پر ڪڏهن به ڪنهن جي ذاتي بي عزتي نه ڪئي، ماضي ۾ اسان ڏٺو ته ڪيئن بينظير ڀٽو کي نشانو بڻايو ويو، ڪنهن به پارٽي کي ذاتي بي عزتي جي سطح تي نه وڃڻ گهرجي.هن چيو ته ڳالهيون سمورين سياسي پارٽين سان ٿيڻ گهرجن، اتحاد لاءِ نه، جيڪڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ن ليگ يا پيپلز پارٽي سان گڏ ٿي ته پارٽي جي نظريي جي نفي ٿي ويندي.علي محمد خان چيو ته ڪراچي ۾ عوام جي گهرن تائين گيس نه ٿي اچي، 35 سالن کان ڪير اقتدار ۾ رهيو؟ 2022ع جي اليڪشن مهم لاءِ ڪراچي پهتس، شهر جون حالتون ڏسي ڏک ٿيو.علي محمد خان چيو ته هن وقت احتجاج جو رڳو هڪ ڏينهن آهي، لانگ مارچ جي حوالي سان منهنجي ذهن ۾ ڪجهه به ناهي.










