موبائل فون چوري ڪندڙ عورت گرفتار، 2 عدد موبائل هٿ

سکر(جئرام داس) موبائيل فون چوري ڪندڙ عورت کي سکر پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  ايس ايس پي سکر جي حڪم تي بي سيڪشن پوليس جي اهلڪارن شاهي بازار واري علائقي مان دوڪاندارن جا موبائيل فون ۽ خريداري لاءِ ايندڙ عورتن جا پرس چوري ڪندڙ صنم چاچڙ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 2 عدد چوري جا موبائيل فون هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو