موئن جو دڙو ايڪسپريس ٽرين جي انجڻ فيل، مسافر پريشان

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ڦاٽڪ نمبر ون وٽ ڪوٽڙي کان سکر روٽ تي هلندڙ پسينجر ٽرين موئن جو دڙو  ايڪسپريس ٽرين  نمبر 4815 جو اچانڪ انجڻ فيل ٿيڻ سبب لکي غلام شاھ جي پراڻي بند پيل اسٽيشن تي بيهجي وئي جنھن ڪري ٽرين ۾ سفر ڪندڙ مسافر سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا. جڏهن ته خراب ٿيل ٽرين کي اڳتي ڌڪڻ لاءِ سکر کان انجڻ گهرائي وئي جيڪا ٽن ڪلاڪن بعد پهتي جڏهن ته مسافرن کي صرف آسرا ڏيندا رهيا. هوڏانهن ٽرين ۾ ويٺل مسافرن امجد علي پٺاڻ، صفدر مهر، مسمات حاصل، جنت، احسان احمد ۽ ٻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هتي ٽرين کي خراب ٿئي 3 ڪلاڪ ٿي ويا آهن پر اسان کي هتي صرف آسرا ڏنا ٿا وڃن روهڙي مان ٻي ٽرين جي ٽڪيٽ آهي پنجاب وڃڻو آهي پر پاڪستاني ٽرينن ۾ ڪو به صحيح نظام ڪونه آهي گهڻن سالن کان اهڙو نظام هلي پيو پر ٽرينن کي ساڳيون پراڻيون انجڻين تي هلائي رهيا آهن ٽرين اندر نه پاڻي جي سهولت آهي نه وري بجلي جي. هوڏانهن ٽرين ۾ موجود ميڪينڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽرين جي انجڻ کي تيل سپلائي ڪندڙ پائپ ڦاٽي پيا آهن جنهن ڪري انجڻ خراب ٿي پئي جنهن ڪري اسان بروقت ٽرين کي روڪي ڪري مٿي اطلاع ڏنو آهي هن کي ڇڪڻ لاءِ سکر کان انجڻ نڪتي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو