خانپورمهر(ن س) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ور دڙو ۾ مهر ۽ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا زخمي جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪ ٻئي مٿان لٺين ڪهاڙيون هڻي رتورت ڪري ڇڏيو زخمين ۾ هڪ ڌر جا الهڏنو، معشوق، ستار ۽ ديدار مهر شامل ٻي ڌر جا امداد، منير، ميرخان ،قالو ۽ نذير ملڪ شامل آهن زخمين کي ٿاڻي تي آندو ويو ميڊيڪل ليٽر ملڻ بعد کين تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي ڌرين جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو آهي ڌرين مسئلو واضع ظاهر ناهي ڪيو چئي رهيا آهن گهٽي ۾ گذرڻ تي جهيڙو ٿيو آهي، زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
