مهر گروپ جا حامي ۽ نمائندا پيپلز پارٽي ۾ شامل

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو)مهر گروپ جون اهم وڪيٽون ڪري پيون، ڪائونسلر،  ۽ سيد برادري جا اهم ماڻهن هڪ ئي وقت تي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مقامي سياست ۾ مهر گروپ کي وڏو وڏو ڌچڪو آهي. مهر گروپ جي اهم اتحادين پي ٽي سي ايل ريٽائرڊ ملازم ڳوٺ عمر ميمڻ جي رهائشي شبير احمد شاھ پنهنجي قبيلي سميت مهر گروپ کي الوداع ڪري ڄام سيف الله خان ڌاريجو جي سربراهي ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن جو چوڻ هو ته مون زندگي مهر گروپ کي ارپي ڇڏي هئي پر مونکي موٽ ۾ ڪجهه به نه مليو نه ئي ڪو ڪم ڪار ٿيو نه وري روبرو ملي به سگهون ٿا مهر گروپ جي سرواڻن سان انڪري اڄ انهن کي خير آباد چئي ڄام گروپ تي اعتماد ڪندي پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي،

Photo Sindhyar

ان سان گڏوگڏ مهر گروپ جي پئنل تان بلدياتي اليڪشن ۾ ڪائونسلر چونڊيل حاجي شفيع ڪولاچي، راجا ڪولاچي ۽ مشهور ٺيڪيدار مشتاق ڪولاچي پڻ علي گوهر خان مهر ۽  راجا خان مهر جي صحبت کان موڪلائي ڄام برادرس تي اعتماد ڪندي پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو ان موقعي تي ڳالهائيندي سندن چوڻ هو ته اسان نالي جا اتحادي هياسين پر ڪم عزتدار ماڻهن بجاءِ واٺن، ڪمدارن جا ٿين پيا انڪري اسين هميشه لاءِ کين خير باد چئي اڄ پنهنجي برادري حمايتي ۽ گهوٽا مارڪيٽ، اسٽيشن محله ،غريب آباد محله جي ماڻهن سميت مڪمل حمايت ۽ ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيون ٿا ۽ ايندڙ اليڪشن ۾  ووٽ پ پ پ جي اميدوار کي ڏينداسين، واضع رهي ته شبير احمد شاهه علينواز خان عرف راجا خان مهر جي پي اي سيد عطا محمد شاهه قريشي جو ويجهو رشتيدار هيو جنهن پ پ پ ۾ اعلان ڪيو آهي،  ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ اڳوڻي وزير ڄام سيف الله خان ڌاريجو سان پ پ ضلع جنرل سيڪريٽري سڪندر علي لاکو  دائم دين ڪلهوڙو سيد نادر علي شاھ اختر خان سنگھڙ محمد اسماعيل ڌوندو انور خان شاهاڻي ۽ ٻيا گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو