مهانگائي ۾ واڌ، 14 شيون مهانگيون، 10 سستيون ٿي ويون

مهانگائي ۾ واڌ، 14 شيون مهانگيون، 10 سستيون ٿي ويون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. وفاقي شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ موجب 14 شيون مهانگيون ۽ 10 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي، 27 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. رپورٽ موجب مسلسل پنجين هفتي به مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، هفتيوار مهانگائي جي گڏيل سالياني شرح 5 اعشاريه 05 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. مهانگي ٿيل شين ۾ بصر 64 روپيه 97 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو، آنا 10 روپيه 9 پئسا مهانگا ٿيا، هڪ هفتي جي دوران برائلر مرغي 7 روپيه 60 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي، ٿوم 7 روپيه 18 پئسا مهانگي ٿي.20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 7 روپيه 92 پئسا، اڍائي ڪلو گيهه جو ٽن 5 روپين تائين مهانگو ٿيو، ڏهي، کير ۽ ڪيلا به مهانگين ٿيل شين ۾ شامل آهن.شماريات کاتي جي رپورٽ موجب ٽماٽا 154 روپيه 9 پئسا في ڪلو سستو ٿيو، چڻن جي دال جي قيمت ۾ 4 روپيه 94 پئسا گهٽتائي ٿي، مڱن جي دال 3 روپيه 55 پئسا في ڪلو سستي ٿي وئي. سستين ٿيل شين ۾ پٽاٽا، دال ماش، ايل پي جي سلينڊر ۽ کنڊ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو