مهانگائي جي ماريل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جا امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي ماريل عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جو تياريون جاري آهن، رپئي جي اگهه ۾ گهٽتائي سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ پهرين سيپٽمبر کان واڌ جو امڪان آهي.ذريعن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 10 رپين تائين واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت سان ڪندي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو