مهانگائي جو طوفان، گوشت ته ٺهيو دال کائڻ به محال

سڪرنڊ (رپورٽ: فقير راج ڪماراوڏ) پوري ملڪ جيان هر هنڌ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، اٽي، کنڊ، دالين، دوائن ۽ ڀاڄين سميت عام واهپي جي شين جا اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهن جا ٻچا هڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن، سڪرنڊ شهر ۾ اٽو 70 روپيا ڪلو، پڪوان آئل 220 ۽ کنڊ 110 روپيا، کير 120 وڪامڻ لڳو، ننڍو گوشت 1000 روپيا، وڏو گوشت 500، مرغي 300، مڇي 400، کان 500 روپيا، ٽماٽا 150، بصر 60، ميها 80، انگريزي گوار 80، سنڌي گوار 100، پٽاٽا 60، ڳاڙها مرچ 800 روپيا، بھه 150، داليون 250 کان 300 روپيا تائين في ڪلو وڪرو ٿي رهيون آهن، غريب شهرين جو چوڻ آهي ته گوشت، مڇي ۽ مرغي غريب ماڻهن جي کائڻ کان ته مٿي آهي پر غريب ماڻهو ۽ مزدور دال کائڻ کان به قاصر آهن، مهانگائي سبب ٻچا فاڪاڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، غريب ماڻهن جي دانهون باوجود ضلعي انتظاميه توڙي سڪرنڊ انتظاميه سميت مارڪيٽ ڪاميٽي وارا اگهه چيڪ ڪرڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهن، جڏهن ته دڪاندارن مهانگائي جو سبب وفاقي حڪومت پاران تيل گيس جا اگھه وڌائڻ سميت ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو جواز ٻڌائي مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، هتان جي شهرين، مزدورن ۽ مسڪين ماڻهن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته مهانگائي تي فوري طور ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ۽ جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو