منڊي گم،بازيابي لاءِ ثمر بلور جي درخواست داخل

منڊي گم،بازيابي لاءِ ثمر بلور جي درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مرحوم بشير بلور جي نياڻي ۽ اڳوڻي ايم پي اي ثمر هارون بلور جي هڪ ڪروڙ رپين جي منڊي جو پتو نه پئجي سگهيو، گهريلو نوڪر جي بازيابي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي.ثمر بلور جي گهر واري عرفان جي ڀاءُ پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عرفان 10 سالن کان ثمر بلور جي گهر ۾ ڪڪ جو ڪم ڪري رهيو آهي، گهر ۾ تالا لڳل هئا،ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) آپريشنز آفيس ۽ پوليس اسٽيشن ڪوهسار ۾ جمع ڪرائي وئي.درخواست ۾ چيو ويو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀاءُ فون ڪري ٻڌايو ته ميڊم جي هيرن جي منڊي گم ٿي وئي آهي، منڊي گم ٿيڻ سبب گهر ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي، جڏهن مان بنگلي تي پهتس ته چوڪيدار ٻڌايو ته صفائي ڪندڙ ملازمن تي تشدد ڪيو ويو آهي. چوڪيدار چيو ته عرفان کي کڻي ويو آهي.ملازم جي ڀاءُ پنهنجي درخواست ۾ چيو ته مهرباني ڪري منهنجي ڀاءُ کي بازياب ڪرايو وڃي،ٻئي طرف ثمر بلور طرفان داخل ڪرايل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته گهر مان منڊي چوري ٿي وئي، ملازمن کانسواءِ ڪو به گهر نه آيو، ملازمن کان جاچ ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو