منشيات فروش قوم جا دشمن آهن، سندن خاتمو ڪبو، ميمڻ

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منشيات فروش قوم جا دشمن آهن جن خلاف سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ کاتي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن نارڪوٽڪس ڪنٽرول آفيسرن کي صوبي مان منشيات جي لعنت جو خاتمو يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڪيون.اجلاس دوران ڊي جي ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول عثمان غني صديقي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته کاتي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، ڪيترائي اهم اپاءَ ورتا ويا آهن، منشيات خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آندي وڃي.هن چيو ته حڪومت منشيات فروشن خلاف ڪاررواين لاءِ سمورا وسيلا ۽ سهولتون ڪتب آڻيندي، پوليس، رينجرز ۽ ٻيا کاتا به منشيات خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار لاءِ تيار رهندا.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منشيات تي سنڌ حڪومت جي پاليسي زيرو ٽالرنس تي ٻڌل آهي، منشيات جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.سينيئر وزير جو وڌيڪ چوڻ آهي ته منشيات فروش قوم جا دشمن آهن، انهن خلاف سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي….

پهنجو تبصرو موڪليو