ممبئي جي ٽريفڪ ڏکوئيندڙ آهي: سونم ڪپور

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور ڀارتي شهر ممبئي ۾ ٽريفڪ کي ڏکوئيندڙ قرار ڏئي ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب 37 ورهين جي اداڪارا جو سفر دوران خراب ڏينهن گذريو، جنهن تي هن سوشل ميڊيا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.سونم ڪپور پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ممبئي جي آلودگي ۽ ٽريفڪ جي مسئلن بابت ڳالهايو. بالي ووڊ اداڪارا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته جوهو ۾ پنهنجي گهر کان بينڊ اسٽينڊ تائين سفر ڪندي جنهن ۾ مون کي هڪ ڪلاڪ لڳي ويو، ممبئي ۾ ڊرائيونگ ڏکوئيندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو