ملڪ ۾ منٽن اندر بهتري نٿي اچي سگهي، 10 کان 15 سال لڳندا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ کي ٻن منٽن ۾ صحيح نٿو ڪري سگهجي. بهتري آڻڻ لاءِ 10 کان 15 سال لڳندا.نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته عوام نوازشريف کي چونڊيو آهي عوام کي رليف لاءِ معاشي پلان موجود آهي. گذريل 16 مهينا معاشي بحالي لاءِ نه پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ هئا. اسان جي حڪومت جي 16 مهينن دوران اسان پاڪستان کي سريلنڪا بنجڻ نه ڏنو.اسحاق ڊار چيو ته نوازشريف جي خلاف ٻئي ڪيسز فراڊ آهن. پاناما جو ڊرامو هو ان ۾ اڄ تائين ڪجهه به ثابت نه ٿيو آهي. نوازشريف پنهنجي خلاف ڪيسن ۾ سرخرو ٿيندو مريم نواز بري ٿي چڪي آهي. نوازشريف علاج لاءِ ٻاهر هو، هاڻ فيصلو ٿي چڪو آهي.هن وڌيڪ چيو ته جج ارشد ملڪ ۽ ٻين جي بيانن کان پوءِ سموري صورتحال چٽي ٿي چڪي آهي. نوازشريف جو پاڪستان اچڻ کان پوءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو پروگرام نه آهي. نوازشريف پاڪستان ۾ رهڻ لاءِ اچي رهيو آهي. پرڏيهي ملڪن جي دوري جي ضرورت پئي ته وڃي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو