ملڪ ۾ نئين ”نيپا“ وائرس اچي وئي، الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت جي قومي اداري ملڪ ۾ نيپا وائرس جي پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو. صحت جي قومي اداري وفاقي ۽ صوبائي هيلٿ اٿارٽين کي نيپا وائرس جو تنبيهي خط موڪلي ڇڏيو آهي.صحت جي قومي اداري چيو آهي ته ڀارتي سرحدي علائقن ۾ موجود چمڙن سان نيپا وائرس پاڪستان منتقل ٿي سگھي ٿو، متاثر چمڙن جي کاڌر ميون سان نيپا وائرس انسان ۾ منتقل ٿي سگھي ٿو. صحت جي قومي اداري موجب نيپا وائرس متاثر چمڙن ۽ سور مان انسان ۾ منتقل ٿيندو آهي. صحت جي قومي جو چوڻ هو ته نيپا وائرس جون علامتون 5 کان 14 ڏينهن تائين رهي سگھن ٿيون، مٿي ۾ سور، بخار ۽ ساهه کڻڻ ڏکيائي نيپا وائرس جون علامتون آهن، دل ڪچي ٿيڻ، پٺن ۾ سور ۽ ننڊ واري ڪيفيت نيپا وائرس جون علامتون آهن. صحت جي قومي اداري چيو ته ايئرپورٽ ۽ سرحدي هنڌن تي اثرائتي سرويلينس يقيني بڻائي وڃي، نيپا وائرس جي علاج لاءِ اينٽي وائرل يا ويڪسين دستياب ناهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ نيپا وائرس جا ڪيترائي ڪيس سامهون آيا آهن، اهي ڪيس ڏکڻ رياست ڪيرالا ۾ سامهون آيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ڪيرالا ۾ وچڙندڙ وبائي وائرس نيپا سبب هيل تائين ڪيترائي ماڻهو فوت جڏهن ته 700 کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو