ملڪ ۾ بين الصوبائي ۽ انٽرا سٽي ٽرانسپورٽ کلي وئي

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ بين الصوبائي ۽ انٽرا سٽي ٽرانسپورٽ کلي وئي، مارڪيٽس ۽ دڪان 17 مئي کان کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اين سي او سي جي اجلاس بعد وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اڄ کان پبلڪ ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو مسافرن سان هلائي ويندي، سومر کان ڪاروبار رات 8 وڳي تائين کولي سگهبو، سرڪاري آفيسون 50 سيڪڙو حاضري سان سومر کان کوليون وينديون، ٽرينون 70 سيڪڙو مسافرن سان هلايون وينديون، ڪورونا ڪيسز ۽ ايس او پيز جو جائزو وٺڻ لاءِ اين سي او سي جو اجلاس 19 مئي تي طلب، اين سي او سي جِي هدايتن تحت سنڌ ۽ پنجاب ۾ نجي توڙي سرڪاري اسڪولز جِي موڪلن ۾ 23 مئي تائين وا ڪئي وئي آهي .

پهنجو تبصرو موڪليو