اسلام آباد (بيورو)مون سون جي برساتن کي نظر ۾ رکندي موسميات کاتي اڄ کان ملڪ ۾ مون سون هوائن جو نئون سسٽم داخل ٿيڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا ڊويزن ۽ ڪراچي ۽ بلوچستان سميت سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ عيد جي ٽن ڏينهن تي برسات جو امڪان آهي، دير سان باجوڙ ۾ به برسات پئي. دادو ۾ کير ٿرپارڪر ۾ برسات کانپوءِ درياهه ۾ پاڻي اچي ويو، ڪاڇي ۾ برسات کانپوءِ هاري ڊرم جي تاءَ تي رقص ڪندا رهيا.










