ملڪ سان غداري ڪئي آهي ته کيس ڦاسي ڏني وڃي: شاهه محمود

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن هن ملڪ سان خيانت ڪئي ته کيس ڦاهي ڏني ويندي.شاهه محمود کي اسلام آباد جي خاص عدالت ۾ سائيفرنس ڪيس جي ٻڌڻي دوران پيش ڪيو ويو، جنهن دوران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته اسان کي ملڪ سان پيار آهي ۽ مون کي يقين آهي ته مون ڪڏهن به ملڪ سان خيانت نه ڪئي آهي.هن چيو ته موت برحق آهي، مان جتي قيد آهيان، ڦاسي جي ڦڙي چند قدم جي فاصلي تي آهي، مان اعتماد سان چوان ٿو ته ملڪ جو وفادار آهيان، جيڪڏهن مون غداري ڪئي آهي ته مان ڦاسي جي تختي تي لٽڪندس.شاهه محمود چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين هو ۽ هڪ ئي آهي، ڪو به ابهام ناهي، مون پاڪستان جي مفادن کي اوليت ڏني، ملڪ معاشي ۽ آئيني بحران جو شڪار آهي، ان جو حل شفاف چونڊون آهن.هن وڌيڪ چيو ته ذاتي انا کان بالاتر ٿي سوچڻو پوندو، ملڪ ڏکيائين ۾ آهي، سڀني کي پنهنجي روين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو