ملڪ دشمنن سان سختي سان پيش اينداسين ،ناصر شاهه

ملڪ دشمنن سان سختي سان پيش اينداسين ،ناصر شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ملڪ دشمنن سان سختي سان پيش اينداسين. ڪراچي ۾ ڪرائيم ريٽ ۾ وڏي پيماني تي گهٽتائي ٿي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پوليس، رينجرز ۽ ڳجهن ادارن پاران مسلسل ڪارروائيون جاري آهن.اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ ڪابينا جي فيصلن بابت ميڊيا کي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته رينجرز تي حملي جي سخت مذمت ڪيون ٿا.اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرائيم ريٽ ۾ گهٽتائي کانپوءِ اهڙي قسم جا واقعا نه ٿين. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ  آئي جي پوليس ۽ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کي پيٽرولنگ وڌائڻ جون هدايتون ڏنيون آهن ته جيئن اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي. تازوئي ڪيترائي دهشتگرد گروهه پڪڙيا ويا آهن جنهن جا واسطا دشمن ملڪ سان آهن. جيڪي ماڻهو منهنجي ملڪ جي خلاف کلي ڪري ڳالهائين ٿا ۽ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن کي هتي رهڻ جو ڪو حق ناهي اهڙن عنصرن کي سياسي، ميڊيا يا عدالتن سميت ڪنهن سطح تي به سپورٽ نه ملڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا وفاقي سرڪار پاران چيف اليڪشن ڪميشن ۽ ان جي ميمبرن جي استعيفيٰ واري مطالبي جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته هونءَ ته پي ٽي آئي وارا اليڪشن ڪميشن جون تعريفون ڪندا هئا. ڊسڪا اليڪشن کانپوءِ اوچتو ڇا ٿي ويو جيڪڏهن وفاقي سرڪار جي خواهشن مطابق ڪم نه ٿئي ته هو آئيني ادارن تي حملا ڪرڻ شروع ڪندا آهن، جيڪو ناقابل برداشت آهي اهو غير آئيني ۽ غير قانوني مطالبو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيصل واوڊا اڳ ۾ ئي تقريبن نااهل ٿي چڪو آهي ان خلاف جلد فيصلو اچڻ وارو آهي. صوبائي وزير چيو ته هڪ نه، سنڌ ۾ سينٽ جي ٻن سيٽن تي چونڊ ٿيندي اسان ٻن نون چونڊيل سينيٽرن خلاف عدالت ۾ ويا آهيون. انهن جا نامزدگي فارم غلط طريقي سان بحال ڪيا ويا هئا، اسان کي يقين آهي ته اهي رد ٿي ويندا ۽ ٻيهر چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سينٽ جون ٻه سيٽون ٻهاري ويندي. هڪ سوال تي هن چيو ته آئي بي اي هيڊ ماسترن بابت فيصلو عدالت سڳوري جي حڪمن جي روشني ۾ڪيو ويو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ ۽ سموري سنڌ ڪابينا انهن کي سپورٽ ڪري رهي آهي پوري ڪوشش آهي ته انهن لاءِ ڪو قانوني رستو ڳوليو وڃي ۽ انهن جو مسئلو حل ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ آفيسرن جي کوٽ آهي نيب سٽيل ۽ وي آر ڪندڙ آفيسرن کي هٽايو ويو آهي. ڪجهه آفيسرن وٽ اضافي چارج اڃا آهن. سنڌ حڪومت انهن معاملن کي ڏسي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪرونا ويڪسين جي کوٽ آهي اسان ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان اجازت گهري آهي ۽ فنڊز به مختص ڪيا آهن هن چيو ته وفاقي حڪومت کان به ويڪسين ملي آهي سنڌ حڪومت طريقيڪار طئي ڪيو آهي جنهن جي مطابق پهرين مرحلي ۾ هيلٿ ورڪرز ۽ پوءِ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائي پئي وڃي. سنڌ حڪومت ميڊيا ورڪرز کي فرنٽ لائن ورڪرز قرار ڏنو آهي انهن کي به ترجيحي بنيادن تي ويڪسين لڳائي ويندي. هن چيو ته بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪيسن لاءِ الڳ عدالتون مخصوص ڪيون ويون آهن جنهن تي سنڌ حڪومت چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ جي ٿوارائتي آهي حددخليون ۽ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارراوئي ۾ ڪيترن ئي آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍيو ۽ معطل ڪيو ويو آهي. 1400 کان وڌيڪ اڏاوتون ڪيرايون آهن. ماڻهو عدالتن ۾ هليا ويندا هئا جنهن جي ڪري ڪيسن ۾ فيصلن تي ڊگهو عرصو لڳي ويندو هو سنڌ حڪومت جي درخواست تي الڳ عدالتون مختص ٿيون آهن ته جيئن ڪيسن تي ترت فيصلا ٿي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو