ملڪي حالتون مارشل لا جو سبب بڻجي سگهن ٿيون

ملڪي حالتون مارشل لا جو سبب بڻجي سگهن ٿيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي خبردار ڪيو آهي ته سياسي ڌرين ڳالهين ذريعي معامنلا طئي نه ڪيا ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي سگهي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ جن حالتن م مارشل لا لڳندا رهيا آهن، هن وقت حالتون ماضي جي حالتن کان وڌيڪ خراب آهن. ملڪ جي معاشي، سياسي، آئيني بحراني ڪيفيت ماضي کان وڌيڪ بدترين آهي. ڊان ٽي وي جي اسپاٽ لائٽ پروگرام م نادر گراماڻي سان ڳالهائيندي هن چيو ته رياست جي ادارن ۾ ٽڪراءُ جي جيڪا صورتحال ان مان سياسي قيادت انکي ڪڍڻ ۾ ڪامياب نه پئي لڳي. عباسي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سماج ۽ ادارن ۾ ڇڪتاڻ تمام گهڻي ٿي وئي ته انارڪي جو خدشو آهي، اهڙي صورتحال ۾ فوج به قدم کڻي سگهي ٿي. جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ اميد ظاهر ڪئي ته فوج مارشل لا لاڳو ڪرڻ جي آپشن تي غور نه ڪندي هوندي. پر جڏهن انهن وٽ ڪو به اختيار نه بچيو ته ”ميري عزيز هم وطنو“ جو آواز گونجندو.

پهنجو تبصرو موڪليو