ملڪيت تي قبضي خاطر بي رحم پٽن والدين کي گهران ڪڍي ڇڏيو

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) نظر محلي جي رهواسي پيرسن جوڙي پاران پٽن جي مبينا زيادتين خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پورهيت گلزار علي وڳڻ پنهنجي گهرواري مسمات ڪلثوم وڳڻ سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته وڳڻ شهر ۾ مون کي 5 دڪان ۽ 6 گهر آهن جيڪي مان محنت ۽ مزدوري ڪري ٺاهيا آهن جن گهرن ۽ دڪانن مٿان منهنجي پٽن يونس وڳڻ، يوسف، ضمير، سراج ۽ امير وڳڻ غيرقانوني طور تي قبضو ڪري اسان زال مڙس کي سخت تشدد جو نشاڻو بڻائيندي گهران پڻ ڪڍي ڇڏيو آهي. جڏهن ته منهنجي پٽن کي پنهنجي بااثر مامي علي نواز ڪاسائي جي پٽڀرائي حاصل ٿيل آهي جنهن لاءِ هو اسان زال مڙس سان زيادتي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهڙي واقعي جو ڪيس مان حد جي ٿاڻي وڳڻ تي داخل ڪرائڻ لاءِ ويس ته پوليس اسان جي ڪا به مدد ناهي ڪئي، جيڪو اسان سان ظلم آهي. احتجاج ڪندڙ پيرسن جوڙي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي پنهنجو حق ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو