ملٽي نيشنل اسپيشل فورسز جون مشقون منعقد، آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته ملٽي نيشنل جوائنٽ اسپيشل فورسز جون مشقون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب مشق ۾ پاڪستان، قازقستان، قطر، ترڪي ۽ ازبڪستان جي اسپيشل فورسز شرڪت ڪئي.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ ٻڌايو آهي ته 2 هفتن تائين جاري رهندڙ پرڏيهي برادرانه مشق 2 17 سيپٽمبر کان بروٿا ۾ شروع ٿي، جنهن جي اختتامي تقريب ۾ ڪور ڪمانڊر 11 ڪور ڪمانڊر خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مشق ۾ ڊي جي ملٽري ٽريننگ ۽ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ اسپيشل سروسز گروپ پڻ شرڪت ڪئي، مشق ڪندڙ فوجين ۽ دوست ملڪن جي آفيسرن پڻ اختتامي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته مشق ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جي اسپيشل فورسز گذريل ڏينهن پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب مشق جو مقصد مستقبل ۾ فوجي سهڪار لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن جي نشاندهي به آهي جنهن سان دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو