ملير ۾ ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ تي مزاحمت ،5 ڄڻا سخت زخمي

ملير(ڊ ر ) ملير ۾ گهگهر لڳ قائم ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ لاءِ ٿيل چڙهائي دوران مزاحمت تي ايم ڊي اي جو ايڪسيئن سيد عارف پروجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد لئيق احمد ايم ڊي اي آفيسر عرفان بيگ سميت 5 ڄڻا سخت زخمي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل مزاحمت دوران پوليس ڀڄي وئي، نيو ملير هائوسنگ پروجيڪٽ اسڪيم ۾ ڪاروائي دوران مڇريل ماڻهن جي مزاحمت دوران پوليس ڀڄي وئي ايم ڊي اي جا 5 آفيسر سخت زخمي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ڊي جي نجب الدين سهتو اسپتال پهچي ويو، ايم ڊي اي جي ڊي جي ايم ڊي اي نجب الدين سهتو صحافين کي ٻڌايو ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جو سيڪٽر 18 خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس روينيو اينٽي انڪروچمنت فورس ۽ پوليس ڪارروائي ڪري رهي هئي ته حملوڪيو ويو آهي اسان جا آفيسر زخمي ٿي پيا آهن، پوليس آهستي آهستي نڪري وئي جنهن سبب حملو ٿيو آهي اسان جي عملي آفيسرن کي بيدردي سان ماريو ويو آهي.ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر ملير دعوا ڪئي آهي ته ایم ڊي اي بن قاسم ۾ قبضا مافیا خلاف ڪارروائي ڪري 12 ایڪڙ سرڪاري زمين خالي ڪرائي ويئي آهي ڊي سي ملیر عرفان سلام میرواڻي جو چوڻ هو ته قبضاگيرن وڏي تعداد يماني تي قبضو ڪري غیر قانوني کچا گھر اڏي ورتا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو