ملير ۾ ٽريفڪ پوليس مسافر گاڏين مان سلينڊر لاهي ڇڏيا

ملير: (ن س) مسافر گاڏين ۾ ايل پي جي گيس سلينڊر لڳل گاڏين خلاف ڪارروائي، ٽريفڪ پوليس لنڪ روڊ نيشنل هاءِ وي تي گاڏين کي روڪي گيس سلينڊر لاهي ڇڏيا پوليس موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي مسافر گاڏين ۾ لڳل گيس سلينڊر خطرناڪ آهن ان ڪري گاڏين مان اهي لاٿا پيا وڃن. ڊي ايس پي ٽريفڪ اسٽيل ٽائون جي سربراهي ۾ ڪاروائي ڪراچي کان ٺٽو، ساڪرو چوهڙ جمالي، ٽنڊو محمد خان، شاھ عقيق، سجاول، بدين، جاتي، ميرپور بٺورو، خير پور، حيدرآباد، نوشهروفيروز، ڀرياروڊ، ٺري ميرواهه، مورو، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، قمبر شهدادڪوٽ، واره، وڳڻ، سميت مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافر وينن مان آيل پي جي گيس سلينڊر لاٿا ويا،ان حوالي سان ايس ايس ايس پي ٽريفڪ ملير محمد اعظم جمالي چيو ته انساني زندگيون بچائڻ لاءِ ڪاروائي ڪري رهيا آهيون اسڪول ۽ مسافر گاڏين مان گيس سلينڊر لاٿا پيا وڃن، هن چيو ته گيس سلينڊر انتهائي خطرناڪ آهن نوٽيس ڏيڻ جي باوجود مسافر گاڏين ۾ گيس سلينڊر لڳل آهن انساني زندگيون بچائڻ لاءِ سلينڊر لاٿا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو