ملتان ٽيسٽ: امام الحق ايم آر آئي لاءِ اسپتال منتقل

ملتان(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽيم جي اوپنر امام الحق کي ملتان ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پير جي زخم سبب اسپتال نيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب امام الحق جي ساڄي ٽنگ ۾ هيمسٽرنگ اسٽريٽ آهي، جنهن سبب کيس ايم آر آءِ اسڪين لاءِ اسپتال نيو ويو آهي.امام الحق 140 منٽن تائين پنج رانديگر آئوٽ ٿيڻ تائين بيٽنگ ۾ نه اچي سگهندو ۽ بيٽنگ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو دارومدار سندس اسڪين رپورٽ تي هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو