سکر (جئيرام داس )احتساب عدالت ۾ پي پي ايم اين اي خورشيد احمد شاهه ۽ ٻين خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس جي احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ٻڌڻي ڪئي. ريفرنس ۾ نامزد صوبائي وزير اويس قادر شاھ سميت ٻيا جوابدار به پيش ٿيا ، ڪيس ۾ نامزد ھڪ جوابدار غير حاضر ھئڻ سبب عدالت ڪاروائي 3 وڳي تائين ملتوي ڪئي. هن ڪيس ۾ نيب جو الزام آهي ته خورشيد شاهه سميت 18جوابدارن تي ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جا آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا آهن. ان موقعي تي عدالت ٻاهران پي پي اڳواڻ ايم اين اي خورشيد احمد شاهه ميڊيا ڳالهائيندي چيو آھي ته وفاقي حڪومت ملتان جلسي کي روڪڻ لاء ناڪام ڪوشش ڪري جلسي کي ڪامياب بڻائي ڇڏيو آھي 6 ڪلاڪن جي جلسي کي 7 ڏينھن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي ،حڪومت پاران ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ رڪاوٽن باوجود ڪامياب جلسو ٿي رھيو آھي ملتان جو جلسو ھڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آھي، خورشيد شاھ چيو ته وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي ، حڪومت پنھنجون ناڪاميون لڪائڻ لاء ڪارڪن کي تشدد جي ذريعي ھيسائي رھي آھي ،ھن چيو ته عمران خان پاڻ اپوزيشن کي جلسي لاء ڪنٽينر. فراھم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پر ، ھاڻي جلسو ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، حڪومت خوف جو شڪار ٿي وئي آھي، خورشيد شاھ چيو ته ملڪ ۾ مھنگائي عروج تي آھي گئس بجلي عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن پر وزيراعظم چوي پيو اين آر او نه ڏيندس ، اين آر او ھن کان ڪري گھري رھيو آھي اين آر او ھو ڏئي به نٿو سگھي. ھن چيو ته نيب وٽ مون خلاف ڪي به ثبوت ھٿ ناھن آيا ، مون خلاف لڳايل الزام ھن وقت تائين نيب ثابت ناھي ڪري سگھي ، سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آھي ،خورشيد شاھ چيو ته وفاقي حڪومت 50 لک گھر فراھم ڪرڻ جو عوام سان واعدو ڪيو ، جنھن تي ھن وقت تائين ڪو عمل ناھي ٿيو ،پر 50 لک ماڻھن گھر فراھم ڪرڻ بدرا کين بي گھر ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن.










