ملا برادر 20 سالن بعد وطن پهچي ويو، اهم ذميواري ملڻ واري

قنڌار(ويب ڊيسڪ) طالبان جي سياسي ونگ جو سربراهه ۽ نائب سربراهه ملا عبدالغني برادر 20 سالن بعد پنهنجي ڌرتي يعني افغانستان ۾ پروٽوڪول سان پهچي ويو. ملا عبدالغني برادر کي افغانستان ۾ طالبان جي سربراهي ۾ ٺهندڙ حڪومت ۾ اهم ذميواري ملڻ جو امڪان آهي. طالبان ذريعن ٻڌايو آهي ته ملا برادر سميت قطر جي سياسي آفيس ۾ طالبان جي قيادت فوري طور تي دوحا کان قنڌار پهچي وئي آهي جتي مستقبل جو لائه عمل طئي ڪيو ويندو. افغانستان وڃڻ کان اڳ ملا عبدالغني برادر قطر جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ افغانستان جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هوائي اڏي تي سندس ساٿين ڀرپور آڌر ڀاءُ ڪيو.

Mulla Brother welcomed in Qandhar

هو ڪابل بدران قنڌار هوائي اڏي تي لٿو. ڪابل هوائي اڏي تي آمريڪي فوجين جو ڪنٽرول آهي جڏهن ته قنڌار هوائي اڏو مڪمل طور طالبان جي قبضي ۾ آهي. ملا برادر دوحا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ حماس جي اڳواڻ اسماعيل حانيه سان به ملاقات ڪئي هئي. ان خبر جو انڪشاف اسرائيلي اخبار ڪيو آهي.

Mulla Brother with Ismail Hania

طالبان جو ڪمانڊ اسٽرڪچر ڇا آهي؟ هي به پڙهو

پهنجو تبصرو موڪليو