ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري 26 جولاءِ تي 68 ورهين جو ٿي ويو آهي هن اربع تي پنهنجي سالگرهه ملهائي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي ملڪ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ جيالن پاران ڪيڪ ڪٽڻ جون تقريبون ڪوٺايون ويون پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين محترمه بينظير ڀٽو جو هم سفر آصف علي زرداري 26 جولاءِ 1955 تي ڄائو هو 9 سيپٽمبر 2008 کان وٺي 8 سيپٽمبر 2013 تائين پاڪستان جو صدر رهيو پيپلزپارٽي 26 جولا3 تي هر سال آصف زرداري جي سالگرهه ڀرپور انداز ۾ ملهائي ٿي هن سال به صدر آصف علي زرداري کي پارٽي جي تصديق ٿيل پيج پاران خراج تحسين پيش ڪندي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني وئي آهي سوشل ميڊيا تي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيڻ ۾ شرجيل ميمڻ پهرين مرحلي تي آهي ٻئي پاسي آصف علي زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي ٽيوٽر تي به اڳوڻي صدر جي نالي جو هيش ٽيگ نائين نمبر تي ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.
