مغوي اهلڪارن جي آزادي جي بدلي ڌاڙيل آزاد ڪرڻ جو مطالبو رد

شڪارپور(ن س) هٿياربندن ايس ايڇ او سميت 5 پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو، اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن. ڪالهه ڪچي ۾ ڪوٽ شاهه پوليس پوسٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪري ايس ايڇ او سميت 5 پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري ورتو هو. ڪچي واري علائقي ۾ پوليس اهلڪارن جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي پر اڃا تائين پوليس اهلڪارن جي بازيابي ۾ ڪا به ڪاميابي نه ملي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس آفيسر ڌاريلن کي قرآن جا واخطا ڏيندي اغوا ڪيل اهلڪار آزاد ڪرڻ جو چيو آهي. ٻئي طرف ڌاڙيلن پوليس اهلڪارن کي آزاد ڪرڻ جي بدلي ۾ گرفتار جوابدار مهر عرف محرم باداڻي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جو مطالبو قبول نه ٿو ڪري سگهجي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پوليس اهلڪارن جي اغوا تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن جي اغوا جو معاملو سنجيده آهي ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو