مغل برادري پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ (  ڊ    ر ) شھدادڪوٽ ۾ مغل برادري جي مردن عورتن زمين تي مبينا قبضي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، بااثرن کان قبضو ڇڏرائڻ جو مطالبو، شهدادڪوٽ جي ڳڙهي خيرو روڊ تي مغل برادري جي مردن ۽ عورتن گلزار مغل، ياسمين، عذرا، فاطمه مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ٽائرن ساڙي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته پراڻي ٽيڪسٽائل مل ڀرسان سندن وڏڙن  جي موروثي ملڪيت آهي،  جنهن تي ڪجھ بااثر ماڻهن قبضو ڪري مٽي ويجھڙائي رھيا آھن جنهن ڪري وڏي جاني نقصان جو انديشو آهي ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته زمين  قبضي خورن کان بچائي وڃي. ھوڏانھن اطلاع تي اي سيڪشن ٿاڻي  جي پوليس پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري احتجاج کي ختم ڪرايو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو